ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز سڪس ۾ هڪ سينيٽري جي دڪان جا شٽر ٽوڙي چوري جي واردات ڪئي وئي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو، جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا.
دڪاندار موجب، شهباز مارڪيٽ گهٽي نمبر 2 ۾ واقع سينيٽري جي دڪان ۾ چور رات 3 وڳي کان 5 وڳي جي وچ واري وقت ۾ دڪان جا شٽر ٽوڙي اندر داخل ٿيا ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. شروعاتي اندازي موجب واردات ۾ 15 کان 20 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي.
متاثر دڪاندار جو چوڻ آهي ته چورن وڏي منصوبابندي سان واردات ڪئي، جنهن سبب کيس لکين رپين جو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
دڪاندار حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي سندس نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
ٻي پاسي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار گرفتار ناهن ٿيا.


