آمريڪي صدر جي صحي بي معنيٰ ۽ بي وقتائتي آهي: ايراني سپريم ليڊر

1 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صحي کي بي وقتائتي ۽ بي معنيٰ قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا بار بار معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري ثابت ڪيو آهي ته سندس واعدن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.

ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪي صدر جا دستخط نه رڳو بي وقعت آهن، پر انهن جي ڪا به عملي اهميت به ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي رويي مان هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ٿيو آهي ته ان جي پاليسي غنڊاگردي، بالادستي ۽ وحشياڻي سوچ تي ٻڌل آهي.

ايراني سپريم ليڊر آمريڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر “شيطانِ بزرگ” قرار ڏيندي چيو ته معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ واعدي خلافي جا واقعا آمريڪا جي بدديانتي، ناقابلِ اعتماد هجڻ ۽ غير ذميواراڻي رويي جو واضح ثبوت آهن.

Share This Article
Leave a Comment