ملير ۾ 3 ورهين جي ڪلثوم جي قتل ۾ سڳي چاچي گرفتار

1 Min Read

ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير جـَي علائقي قائد آباد ۾ 3 ورهين جي نينگري ڪلثوم جي قتل جي ڳجهارت حل ڪندي نينگري جي سڳي چاچي ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو موجب، جاچ دوران معلوم ٿيو ته جوابدار عورت مبينا طور ڪلثوم کي بي رحمي سان تشدد بعد قتل ڪيو ۽ لاش ٻوري ۾ وجهي ڇڏيو. بعد ۾ پنهنجي ڀاءُ نادر جي مدد سان لاش گهر ٻاهران رکرائي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته معصوم ڪلثوم تي سخت تشدد ڪيو ويو هو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ايس ايس پي ملير موجب، واقعي جي جاچ دوران 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي سندن ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا ويا، پر ڪنهن جو به ڊي اين اي واقعي سان نه مليو. وڌيڪ جاچ کان پوءِ پوليس جوابدارن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي.

واضح رهي ته گذريل مهيني قائد آباد مان 3 ورهين جي ڪلثوم جو تشدد ٿيل ٻوري بند لاش گهر ٻاهران مليو هو. پوليس موجب نينگري منجهند جو لاپتا ٿي هئي، پر وارثن ان بابت فوري طور پوليس کي اطلاع نه ڏنو هو.

Share This Article
Leave a Comment