ٽنڊوالهيار: 4 ورهين جو نينگر گهر اندر قتل، الزام هيٺ پيءُ گرفتار

1 Min Read

ٽنڊو الهيار (خميسو دائوداڻي) ٽنڊوالهيار شهر جي پير ڪالوني ۾ 4 ورهين جو معصوم نينگر فياض قمبراڻي گهر اندر گلو ڪپيل حالت ۾ مليو. واقعي بعد اي سيڪشن پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ۽ نينگر جي پيءُ ممتاز قمبراڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدار خلاف جاچ جاري آهي ۽ هن وقت اهو حتمي طور نٿو چئي سگهجي ته قتل هن ئي ڪيو آهي. واقعي بابت مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

مارجي ويل نينگر جي ماءُ، جيڪا گرفتار ٿيل شخص جي زال آهي، بيان ڏنو آهي ته سندس مڙس گهر ۾ گهڙي ٻار کي قتل ڪيو. هن ٻڌايو ته سندن وچ ۾ گهريلو تڪرار هلندڙ هو ۽ هوءَ ڪجهه عرصي کان پنهنجي ڀائرن وٽ رهندي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ جاچ کان پوءِ ئي قتل بابت حتمي نتيجو سامهون اچي سگهندو.

Share This Article
Leave a Comment