ڀارت ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن علي تي تشدد جي خبرن تي سندس گهرواري جو سخت ردعمل

2 Min Read

لاهور / نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاست بالر حسن علي تي ڀارت ۾ تشدد ۽ بدتميزي جي جعلي وڊيو ۽ افواهن تي سندس گهرواري ساميه آرزو سخت ردعمل ڏيندي اهڙين خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته ڀارتي دوري دوران ڪجهه انتهاپسندن پاران پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن علي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ سخت ڳڻتي لهر پکڙجي وئي هئي.

ان حوالي سان حسن علي جي ڀارتي ڄائي گهرواري ساميه آرزو سوشل ميڊيا تي هڪ وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي حسن علي بابت جيڪي به خبرون هلي رهيون آهن، انهن ۾ ڪا به سچائي ناهي. حسن علي تي ڪو به تشدد ناهي ٿيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو واقعو پيش آيو آهي.

ساميه آرزو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي اپيل ڪئي ته اهي بغير ڪنهن تصديق جي اهڙيون حساس خبرون هلائڻ کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪوڙن افواهن جي ڪري رانديگرن جي خاندانن کي سخت ذهني پريشانين مان گذرڻو پوي ٿو.

هن واضح ڪيو ته حسن علي هن وقت مڪمل طور محفوظ آهي ۽ پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment