ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ملڪ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ واري موسم برقرار رهڻ باوجود ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ مان ايندڙ چوماسي هوائون ملڪ جي مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ برسات جو امڪان آهي.
سنڌ بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 20 کان 24 جولاءِ تائين ٿرپارڪر، مٺي، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان گڏ تيز هوائون ۽ برسات ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻوسٽ واري رهندي، جڏهن ته برساتن دوران هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جا امڪان موجود آهن.
موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ اربن فلڊنگ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خدشن جو اظهار ڪندي شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ٻئي طرف پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ به ايندڙ ڏينهن دوران تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.


