رضا علي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم ۾ سنگين غلطيون، ڪيس متاثر ٿيڻ جو خدشو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا علي جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سنگين غلطيون سامهون آيون آهن، جنهن سبب ڪيس جي جاچ متاثر ٿيڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.

ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، مير رضا علي جو لاش 24 کان 36 ڪلاڪ پراڻو هو. رپورٽ ۾ گولي جي داخل ٿيڻ واري نشان جو سائيز وڏو ۽ ٻاهر نڪرڻ واري نشان جو سائيز ننڍو ڄاڻايو ويو آهي.

ايم ايل او ذريعن موجب، تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته گولي پٺيان کان لڳي ۽ اڳيان کان نڪتي هئي. تصويرن ۾ لاش جي چيله تي گولي جو ننڍو نشان، جڏهن ته سيني تي وڏو نشان نظر اچي ٿو. ذريعن موجب، لاش ڦوڪيل حالت ۾ هو ۽ چهرو به تمام گهڻو خراب ٿي چڪو هو، جڏهن ته سر جي تفصيلي جاچ سان چهري جي خراب ٿيڻ جا سبب معلوم ٿي سگهن ها.

ذريعن موجب، تصويرن ۾ لاش جي کاٻي هٿ جون آڱريون مٺ جي شڪل ۾ ٽٽل گاهه سان بند نظر اچن ٿيون، جڏهن ته ساڄي هٿ تي به ڪجهه شڪي نشان موجود آهن. ان کان علاوه چهري تي ٺوڙهي هيٺان به هڪ زخم ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

هوڏانهن جاچ ڪندڙن 29 جولاءِ صبح 8 وڳي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي. وڊيو ۾ واقعي واري هنڌ تي ٿيلهو کنيل هڪ ڪچرو گڏ ڪندڙ شخص نظر اچي ٿو، جيڪو ڪجهه منٽن کان پوءِ اتان هليو وڃي ٿو.

جاچ اختيارين موجب شڪ آهي ته ممڪن طور واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار اهو ئي شخص پاڻ سان کڻي ويو هجي.ياد رهي ته مير رضا علي جو لاش 29 جولاءِ صبح 11 وڳي کان پوءِ هٿ آيو هو.

Share This Article
Leave a Comment