عاشق چانڊيو بدفعلي ڪيس: مک جوابدار نياز آرادين بيگناهي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، شفاف جاچ جو مطالبو
گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) چونڊڪو ويجهو نوجوان عاشق چانڊيو سان مبينا زيادتي واري ڪيس جي مک جوابدار نياز آرادين پاڪ قرآن هٿ ۾ کڻي پنهنجي بيگناهي جي دعويٰ ڪئي آهي.
نياز آرادين جو چوڻ آهي ته “مان قرآن پاڪ جو قسم کڻي چوان ٿو ته هن واقعي سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي. وڊيو واضح طور ڏسو، ان ۾ نه مان آهيان ۽ نه ئي منهنجو چانڊيا برادري سان ڪو جهيڙو آهي. مون کي بيگناهه ڦاسايو پيو وڃي.
هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ضرورت پوي ته قرآن پاڪ تي به انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ڪيس جي هر پهلو کان شفاف جاچ ڪئي وڃي.
نياز آرادين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان اپيل ڪئي ته معاملي جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.


