سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون، “مڪه ڊفينس جوائنٽ ايگريمينٽ” تي اتفاق

1 Min Read

مڪه: سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ مڪه جي قصر الصفا ۾ ٿيل سربراهي اجلاس دوران معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد گڏيل دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ گڏيل ردعمل کي يقيني بڻائڻ آهي.

سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي سربراهي اجلاس مڪه جي قصر الصفا ۾ ٿيو، جنهن ۾ سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان شرڪت ڪئي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس دوران ٽنهي ملڪن مڪه ڊفينس جوائنٽ ايگريمينٽ نالي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون.

ترجمان موجب معاهدي تحت جيڪڏهن ٽنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي حملو ٿيندو ته ان کي ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو ۽ گڏيل دفاعي حڪمت عملي تحت ان جو مقابلو ڪيو ويندو.

معاهدي جو مقصد ڪنهن به اڳرائي خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ، دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهي.

Share This Article
Leave a Comment