بالي ووڊ اداڪار مٿن چڪرورتي اسپتال ۾ داخل، سرجري ڪئي وئي

2 Min Read

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ سياستدان مٿن چڪرورتي ڪولڪتا جي هڪ نجي اسپتال ۾ معمولي سرجري کانپوءِ علاج هيٺ آهن.

طبي ذريعن موجب،مٿن چڪرورتي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ سندن صحت تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي، جنهن سبب جلد کين اسپتال مان گهر وڃڻ جي اجازت ملڻ جو امڪان آهي.

مٿن چڪرورتي جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر تڏهن سامهون آئي، جڏهن اولهه بنگال اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سوويندو اڌيڪاري اسپتال پهچي سندن عيادت ڪئي. ملاقات کانپوءِ هن سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪندي مٿن چڪرورتي جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

سوويندو اڌيڪاري ٻڌايو ته مٿن چڪرورتي جي خميس جي رات معمولي سرجري ٿي هئي، جڏهن ته اداڪار پاڻ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر کي عام نه ڪرڻ کي ترجيح ڏني هئي.

متھن چڪرورتي پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1976ع ۾ فلم مريگيا سان ڪئي، جنهن تي کين بهترين اداڪار جو نيشنل فلم ايوارڊ مليو. جڏهن ته 1982ع ۾ رليز ٿيل فلم ڊسڪو ڊانسر کين عالمي شهرت ڏني.

هن پنهنجي ڊگهي فلمي سفر دوران پيار جهڪتا نهين، غلامي، اگني پتھ، گرو ۽ دي ڪشمير فائلز سميت ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ٽيليويزن تي به هو ڊانس انڊيا ڊانس ۾ گرينڊ ماسٽر طور تمام گهڻو مشهور رهيا.

فلمي دنيا سان گڏمٿن چڪرورتي سياست ۾ به سرگرم رهيا. هو پهرين ترنمول ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي راجيا سڀا جا ميمبر بڻيا، بعد ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي ۾ شامل ٿي اولهه بنگال ۾ پارٽي جي اهم چونڊ مهمن جو حصو بڻيا.

تازين اطلاعن موجب، ڊاڪٽرن جي نگراني مڪمل ٿيڻ کانپوءِمٿن چڪرورتي کي جلد اسپتال مان ڊسچارج ڪرڻ جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment