نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) قومي شاهراهه باءِ پاس تي بزم ايونيو جي سامهون خوفناڪ روڊ حادثي ۾ ٻه نوجوان فوت ٿي ويا.
فوت ٿيل ٻئي نوجوان بزم ايونيو جي رهواسي اصغر منگي جا پٽ هئا. نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي.
علائقي واسين موجب قومي شاهراهه جي مرمتي ڪم ۾ سست رفتاري سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جڏهن ته حادثن جي روڪٿام لاءِ انتظامن تي سوال اٿي رهيا آهن.


