لاڙڪاڻو ( رپورٽ: علي گل ڏيٿو ) موهن جو دڙو ويجهو رولو ڪتن کان بچڻ جي ڪوشش دوران نئين پرڻيل جوڙو موٽرسائيڪل سميت دادو ڪئنال ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي.
واقعي موجب زال مڙس موهن جو دڙو ڀرسان سفاري پارڪ مان واپس اچي رهيا هئا ته رستي ۾ رولو ڪتا موٽرسائيڪل جي پويان پئجي ويا.
ڪتن کان بچڻ جي ڪوشش دوران موٽرسائيڪل بي قابو ٿي دادو ڪئنال ۾ وڃي ڪري، جنهن سبب ٻئي ڄڻا پاڻي ۾ ٻڏي ويا.
ريسڪيو ٽيمن ڪارروائي ڪندي نوجوان شعبان ٻگهيو ۽ موٽرسائيڪل کي ڪئنال مان ڪڍي ورتو، جڏهن ته سندس گهرواري ساجده ٻگهيو پاڻي ۾ ٻڏي وئي.
ريسڪيو ٽيمن پاران ناري جي ڳولا لاءِ سڄو ڏينهن آپريشن جاري رکيو ويو، جنهن کانپوءِ تقريبن 20 ڪلاڪن بعد ساجده ٻگهيو جو لاش هٿ ڪيو ويو.
مقامي ذريعن موجب ساجده ٻگهيو جي شادي شعبان ٻگهيو سان تقريبن 6 مهينا اڳ ٿي هئي.


