اوٻاوڙو: ڇتي ڪتن جا حملا، 5 ڄڻا زخمي، ويڪسين جي کوٽ جون شڪايتون

1 Min Read

اوٻاوڙو: (علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا، جن ۾ 2 ٻارڙا پڻ شامل آهن، ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ بلال احمد، خليل احمد ۽ نور حسن سميت 2 ٻارڙا شامل آهن، جن کي وارث تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو.

مريضن ۽ وارثن موجب اسپتال ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين ۽ سيرنج جي کوٽ سبب کين سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ايم ايس ڊاڪٽر ممتاز علي چنا جو چوڻ آهي ته سيرنج نه هجڻ سبب ويڪسين لڳائڻ ۾ ڪجهه دير ٿي، جڏهن ته هاڻي مريضن کي ويڪسين لڳائي پئي وڃي.

مريضن مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال ۾ ويڪسين جي دستيابي يقيني بڻائي، غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اوٻاوڙو ۾ ڇتن ڪتن خلاف اثرائتي مهم هلائي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment