اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قتل جي ڪيسن جي داخل ٿيڻ ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي پڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس هاشم ڪاڪر رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ سزا ۽ جزا جو تصور نظر نٿو اچي، پوليس پاڻ ماڻهن کي بري ڪرائي رهي آهي.
عدالت چيو ته هن ڪيس ۾ قتل جي 2 ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي.
جسٽس صلاح الدين چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صورتحال انتهائي خراب آهي.
سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 سيپٽمبر 2026ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


