نيو يارڪ / تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جتي آمريڪي فوج مسلسل نائين رات به ايران جي مختلف هدفن تي بمباري ڪئي آهي.
ٻئي طرف ايران پاران اردن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان وڏو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آمريڪي اڏي کي وڏو نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
تهران مان جاري ٿيل سرڪاري بيان موجب، ايراني پاسدارانِ انقلاب اردن جي علائقي الازرق ۾ موجود موفق سالٽي ايئر بيس کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ آپگهاتي ڊرونز سان نشانو بڻايو.
تهران انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته هن حملي جي نتيجي ۾ آمريڪي فوجي اڏي، اتي موجود ڪمانڊ سينٽر ۽ ڪيترن ئي جنگي ۽ ريفيولنگ جهازن کي نقصان پهتو آهي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پڻ حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ايران تي حملا وڌيڪ تيز ڪيا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا پاران ايران تي هي مسلسل نائين رات آهي جو شديد فضائي حملا ڪيا ويا آهن.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي حملا ايراني حملن جي جواب ۾ فوري سزا طور ڪيا پيا وڃن ته جيئن ايران جي جنگي صلاحيت کي ڪمزور ڪري سگهجي.
هنن حملن سبب وچ اوڀر ۾ مڪمل جنگ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ هرمز لنگهه ۾ تيل جي رسد پڻ متاثر ٿي رهي آهي.


