اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 5 خوارج مارجي ويا، ميجر شهيد

1 Min Read

راولپنڊي  ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 5 ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ خوارج مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب، خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران 5 ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ خوارج مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميجر حافظ احسان الاهي شهيد ٿي ويا. بيان موجب، ميجر حافظ احسان الاهي پنهنجي جوانن جي اڳواڻي ڪندي بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل خوارج وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. بيان موجب، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ به شامل رهيا هئا.

Share This Article
Leave a Comment