اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ طئي ٿيل ”اسلام آباد مفاهمتي يادداشت“ تي ٽياڪڙ طور صحيح ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف معاهدي تي صحيح ڪندي ان کي هڪ اهم سفارتي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.
سوئٽزرلينڊ ۾ 19 جون 2026 تي ان معاهدي جي حوالي سان هڪ رسمي تقريب رٿيل آهي، جنهن کانپوءِ فني سطح تي وڌيڪ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون.
ذريعن موجب قطر جي سهڪار سان پاڪستان هن اهم عمل جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ رابطا به جاري آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هي ڏينهن پاڪستان جي سفارتي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي سطح تي مثبت اڳڀرائي جا امڪان وڌيا آهن۔

اسلام آباد مفاهمتي يادداشت: پاڪستان ٽياڪڙ طور صحيح ڪري ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

