اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ احتجاج جا تماشا هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاليسي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪنهن کي به احتجاج لاءِ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته 9 مئي کانپوءِ کين جيڪي به سهولتون مليون آهن، اهي سڀ ختم ڪيون وينديون.
رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته، اسلام آباد ۾ احتجاج جي حوالي سان حڪومت پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي آهي.


