ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪاره اميشا پٽيل پنهنجي فلم گـَدر دوران ليجنڊري اداڪار امريش پوري سان ڪم ڪرڻ جي يادگيرين کي تازو ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته پهرين گڏيل شوٽنگ دوران هوءَ سخت نروس ۽ گهٻرايل هئي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اميشا پٽيل چيو ته فلم گدر ۾ سندس پهريون سين امريش پوري سان هڪ جذباتي ۽ سامهون واري صورتحال تي ٻڌل هو، جنهن سبب هوءَ انتهائي خوف ۽ پريشاني جو شڪار ٿي وئي.
اداڪاره موجب شوٽنگ کان اڳ هوءَ سخت پريشان ۽ ڏڪندڙ هئي، پر امريش پوري پنهنجي دوستانه ۽ حوصلا افزا رويي سان سندس سڄي گھٻراهٽ ختم ڪري ڇڏي.
اميشا پٽيل چيو ته امريش پوري سان ڪم ڪرڻ آسان هو، ڇو ته هن ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو ته هو هڪ وڏو ۽ انتهائي تجربيڪار اداڪار آهي ۽ هوءَ هڪ نئين فنڪاره آهي. ان وقت سندس فلم ڪهو نا پيار آهي به رليز نه ٿي هئي ۽ پوسٽ پروڊڪشن ۾ هئي.
اداڪاره وڌيڪ ٻڌايو ته فلم گدر جي رليز کان پوءِ کيس پاڪستان مان به وڏي محبت ملي.
هن چيو ته امريش پوري جي اسڪرين شخصيت، خاص طور تي منفي ڪردارن جهڙوڪ موگيمبو ۽ اشرف علي، کيس سخت ۽ خوفناڪ بڻائيندي هئي، پر حقيقت ۾ هو انتهائي خوش مزاج ۽ مزاحيه طبيعت جو مالڪ هو.
اميشا پٽيل آخر ۾ چيو ته هوءَ اڄ به امريش پوري کي ياد ڪري ٿي، ۽ جيڪو خوف هو اهو سندس شخصيت نه پر سندس قد ۽ تجربو هو، جڏهن ته حقيقت ۾ هو انتهائي محبت ڪندڙ، ذهين ۽ مزاح سان ڀرپور انسان هو.