ايراني پرڏيهي وزير جون وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن هڪ مختصر وفد سان گڏ پاڪستان پهتو، جتي هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

ايراني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب، پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين باضابطه ملاقات جنرل عاصم منير سان ڪئي.

 سفارتي ذريعن موجب ان ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قومي سلامتي جو صلاحڪار جنرل عاصم ملڪ ۽ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس به شريڪ هئا.

ايراني وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير غريب آبادي، اسلام آباد ۾ ايران جو سفير اميري مقدم ۽ ايراني پرڏيهي وزارت جو ترجمان اسماعيل بقائي پڻ موجود هئا.

ان کان پوءِ، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير پڻ شريڪ هئا.

ملاقات دوران علائقائي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ-ايران ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري خوشي ٿي ۽ ملاقات ۾ خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ويو.

 نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ٻڌايو ته وزيراعظم سان اها ملاقات لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي دوري جي ايندڙ مرحلي ۾ عمان ۽ روس روانو ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment