ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شہباز شريف سان ملاقات کانپوءِ اڄ ئي واپس روانو ٿيندو

1 Min Read

اسلام آباد  )مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شہباز شريف سان ملاقات کانپوءِ اڄ ئي واپس روانو ٿيندو.

سفارتي ذريعن موجب، ايراني وفد جو في الحال وڌيڪ قيام ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، ۽ عباس عراقچي وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ اڄ ئي روانو ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عباس عراقچي پنهنجي وفد سان گڏ عمان ۽ روس جي دوري تي ويندو.

ٻئي پاسي ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي دوري دوران رڳو ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، دوري دوران جوهري معاملي تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، ڇو ته جوهري معاملو ايران جي ريڊ لائن مان هڪ آهي۔

ياد رهي ته گذريل ڏينهن عباس عراقچي جي اڳواڻي ۾ ايراني وفد اسلام آباد پهتو هو۔ ان کان علاوه وائيٽ ہاؤس جي ترجمان آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي امن ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي شرڪت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسٽيووٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڄ ڳالهين لاءِ پاڪستان روانا ٿيندا۔

Share This Article
Leave a Comment