ايران حڪومت ڪيرائڻ لاءِ موساد سان رابطن جو الزام، احمد نزاد جو موقف سامهون اچي ويو

2 Min Read

 تهران ( ويب ڊيڪس ) ايران جي اڳوڻي صدر محمود احمدي نزاد جي آفيس، سندس اسرائيلي ڳجهي اداري موساد سان لاڳاپن ۽ نظر بندي بابت خبرن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۽ اسرائيلي اخبار هارٽز دعويٰ ڪئي هئي ته اسرائيل ايران ۾ حڪومت جي تبديلي واري مبينا منصوبي تحت محمود احمدي نزاد سان رابطا رکيا هئا. رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو هو ته ايران کي انهن لاڳاپن جي ڄاڻ ملڻ کانپوءِ احمدي نزاد کي پاسدارانِ انقلاب جي انٽيليجنس طرفان گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي محمود احمدي نزاد جي آفيس جاري ڪيل بيان ۾ انهن دعوائن کي ” کِل  جوڳو” ۽ “هالي ووڊ جهڙيون ڪهاڻيون” قرار ڏيندي چيو آهي ته اڳوڻو صدر مڪمل طور آزاد آهي ۽ معمول موجب پنهنجي سرگرمين ۾ مصروف آهي. ان دعويٰ جي حمايت ۾ سندس تازيون تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.

احمدي نزاد بابت خبرون نشر ڪندڙ ايراني اداري “دولتِ بهار” موجب اڳوڻي صدر تازو پارليامينٽ جي اقتصادي ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي ملڪ جي معاشي صورتحال بابت تجويزن تي غور ڪيو ويو. رپورٽ موجب هن پنهنجي ساٿين سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجوده ملڪي حالتن تي خيال ونڊيو ويو.

واضح رهي ته نيويارڪ ٽائمز ۽ هارٽز پاران شايع ڪيل دعوائن تي اسرائيلي حڪومت طرفان هيل تائين ڪو به سرڪاري تبصرو سامهون ناهي آيو، جڏهن ته ايران به انهن رپورٽن جي سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment