ايران معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري پيو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو اعلان

2 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ )  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن تي ايران جي مبينا ڊرون حملن کي جنگبندي معاهدي جي “بيوقوفاڻِي ڀڃڪڙي” قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ان معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسي رهيو آهي.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ايران آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن تي چار خودڪش ڊرون حملا ڪيا. سندس چوڻ هو ته انهن مان هڪ ڊرون هڪ وڏي ۽ قيمتي مال بردار جهاز سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب جهاز کي نقصان پهتو، پر اهو پنهنجو سفر جاري رکڻ ۾ ڪامياب رهيو.

ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته باقي ٽي ڊرون آمريڪي فوجن هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا. هن چيو ته هي واقعو جنگبندي معاهدي جي واضح ڀڃڪڙي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب عمان ويجهو آبنائي هرمز ۾ سنگاپور جي جهنڊي هيٺ هلندڙ هڪ ڪارگو جهاز ڊرون حملي ۾ متاثر ٿيو، جڏهن ته جهاز جو سمورو عملو محفوظ رهيو ۽ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان پيش نه آيو.

واقعي کانپوءِ ڪجهه واپاري جهازن احتياط طور پنهنجي آمدرفت محدود ڪئي، جڏهن ته بعد ۾ سامونڊي ٽريفڪ آهستي آهستي معمول تي اچڻ شروع ٿي وئي.

ٻئي طرف ايران هڪ ڀيرو ٻيهر موقف اختيار ڪيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي آمدرفت تي نظر رکڻ سندس قانوني حق آهي. ايران خليجي ملڪن تي پڻ زور ڏنو آهي ته اهي آمريڪا سان اهڙن قدمن ۾ سهڪار نه ڪن، جيڪي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهن.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازو ٿيل مفاهمتي معاهدي تحت جنگبندي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهيون به شروع ٿيون هيون. تنهن هوندي، آبنائي هرمز ۾ پيش آيل هن تازي واقعي جنگبندي جي مستقبل بابت نوان سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment