ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا جي وڏي مرچ منڊي ڪنري ۾ هن سال مرچن جو بمپر فصل لٿو آهي، پر آبادگارن جي چهرن تي خوشي بدران پريشاني نظر اچي رهي آهي. سبب آهي مرچن جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ۽ وڌندڙ زرعي خرچ.
آبادگارن موجب ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، پاڻي، ڊيزل، مزدوري ۽ فصل کي منڊي تائين پهچائڻ جا خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن، پر پيداوار جو مناسب معاوضو نٿو ملي.
آبادگار احساس سمون سنڌ مارننگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان مرچن جي پوکي ۾ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته ننڍي ڪٽ يا لونگي مرچ جي خاص ورائٽي ڪنري ۾ وڏي پيماني تي پوکي وڃي ٿي.
ڪنري ۾ ئي اٽڪل 80 هزار کان هڪ لک ايڪڙن تائين مرچ پوکيا وڃن ٿا.
آبادگارن جو الزام آهي ته مرچن جو واپاري نظام اهڙو آهي، جنهن ۾ ننڍن آبادگارن کان مرضي جي اگهه تي فصل خريد ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته واپاري اهو ئي مال اڳتي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪن ٿا.
آبادگار چون ٿا ته مرچن جي اگهه طئي ڪرڻ لاءِ ڪو باقاعده نظام يا ڪاميٽي موجود ناهي، واپاري پاڻ اگهه مقرر ڪن ٿا.
سوال اهو آهي ته بمپر فصل جو فائدو آبادگار کي ڇو نٿو ملي؟
ڇا ڪنري جي مرچن لاءِ شفاف واپاري نظام ۽ مناسب اگهه مقرر ٿي سگهندو؟


