اڻڄاتل هيڪرن طرفان ڀارتي نيوز چينلز هيڪ، ڀارت لاءِ واضح پيغام

1 Min Read

اڻڄاتل هيڪرن ڀارتي نيوز چينلز ٽي وي 9 تيلگو ۽ فريڊم ٽي وي ڪنڙ کي هيڪ ڪري ورتو.

رپورٽن موجب، ڀارتي صدر جي تقرير دوران هيڪرن ٽي وي 9 تيلگو چينل تي پاڪستان جو قومي ترانو هلائي ڇڏيو. هيڪرن ان ئي وقت ٻنهي چينلن جي نشرياتي نظام تائين رسائي حاصل ڪري نشريات متاثر ڪري ڇڏي.

ان ڪارروائي دوران هيڪرن طرفان ڀارت کي خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وڃي.

چينلن جي نشريات متاثر ٿيڻ کان پوءِ مختلف دعوائون ۽ اندازا سامهون اچي رهيا آهن.

ٽي وي 9 تيلگو جي سوشل ميڊيا تي 14 ملين کان وڌيڪ ۽ فريڊم ٽي وي ڪنڙ جا 1 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن.

ماهرن موجب مودي سرڪار ۽ گودي ميڊيا پاڪستان مخالف پروپيگنڊا ۾ مصروف رهندي آهي، پر هيڪرن ان نظام جون ڪمزوريون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن. انهن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ترانو هلڻ سان ڀارت جي سائبر سيڪيورٽي جي ڪمزوري به سامهون اچي وئي آهي.

ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته پاڻ کي وشوا گرو ۽ شائننگ انڊيا سڏيندڙ ڀارت جو آءِ ٽي ۽ انفارميشن سسٽم مڪمل طور تي غير محفوظ آهي.

Share This Article
Leave a Comment