بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، سنڌ اسيمبلي ۽ پريس ڪلب ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير بجيٽ سيشن کي خطاب ڪندو.
بجيٽ اجلاس جي موقعي تي ڪراچي جي ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن.
سنڌ اسيمبلي، پريس ڪلب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڪيترائي رستا سيل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ضلعي سائوٿ جي ريڊ زون ۾ قلم 144 پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.
بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.
مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي 5 هزار رپين جي واڌ سان 45 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.

Share This Article
Leave a Comment