بدين (رپورٽ: اسحاق شيخ) بدين پريس ڪلب آڏو سنڌ پوليس جي ڀرتي لاءِ 2024ع ۾ آءِ بي اي سکر طرفان ورتل SPD-01 ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن عبدالرئوف رستماڻي، اياز علي جمالي، امير حيدر کوسو، رفيق لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن جي پاس اميدوارن جون لسٽون جاري ٿي چڪيون آهن، پر بدين ضلعي جي لسٽ اڃا تائين جاري نه ٿيڻ سبب اميدوارن ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي.
هنن وڏي وزير، گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان فوري طور لسٽ جاري ڪري آفر آرڊر ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.


