اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن آئين ۾ ڏنل گهرجون پوريون ٿين ٿيون ته ايمرجنسي ضرور لاڳو ٿيڻ گهرجي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته ايمرجنسي جي لاڳو ٿيڻ بابت آئين بلڪل واضح آهي، فيصلو آئين تحت ئي ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حالتون اهڙيون هجن جو آئين ايمرجنسي جو تقاضو ڪري ۽ آئيني گهرجون پوريون ٿين ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيندي.


