Focus with Zardari

خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو اعلان

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ امن امان جي خراب صورتحال سبب صدر پاڪستان پاران آئين جي آرٽيڪل 232 تحت ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جي خبر سامهون آئي آهي.

رپورٽ موجب، ايوان صدر جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ سرڪاري جاين، بنيادي ڍانچي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي دهشتگرد حملن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت دهشتگردي ۽ بدامني کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

پڌرائيءَ موجب، ايمرجنسي جو اعلان آئين جي آرٽيڪل 232(1) ۽ 234(1) تحت جاري ڪيو ويو آهي. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته گورنر وفاقي حڪومت پاران ڏنل صوبائي حڪومتي معاملا سنڀالي سگهندو ۽ صوبائي اسيمبليءَ کانسواءِ ٻين صوبائي ادارن جا اختيار استعمال ڪري سگهندو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي عهدن تان فوري طور ڌار ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment