Focus with Zardari

خيرپور: قومي شاهراهه تي احتجاج، ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، هڪ زخمي

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) رسول آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ سمون چنو جو رهواسي 18 ورهين جو سهيل پٽ راحب چنو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسحاق چنو سخت زخمي ٿي پيو.

وارثن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حادثي کي لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ايمبولينس ۽ هنڱورجا پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. جنهن تي وارث لاش کي ڦٽي رڪشي ۾ رکي روڊ تي رڪاوٽون قائم ڪري احتجاج ڪيو، جنهن سبب قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج دوران مڇريل ماڻهن مبينا طور ٽرالر جو شيشو پڻ ٽوڙي ڇڏيو. وارثن مطالبو ڪيو ته حادثي جي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment