ڪراچي/خيرپور (ويب ڊيسڪ) دنيا تيزي سان صاف توانائي ۽ برقي گاڏين ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي ليٿيم کي “اڇو سون” به سڏيو وڃي ٿو. اهو ڌاتو جديد بيٽرين، موبائل فونن، ليپ ٽاپن ۽ توانائي ذخيرو ڪندڙ نظامن جي تياري لاءِ بنيادي شئي بڻجي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ضلعي خيرپور مان اعليٰ معيار جي ليٿيم جا آثار ملڻ پاڪستان لاءِ هڪ اهم معاشي موقعو بڻجي سامهون آيا آهن.
تازو آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (پنسٽيڪ) وچ ۾ هڪ اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت خيرپور جي هڪ کوهه مان نڪرندڙ جيئوٿرمل کاري پاڻي جي (برائن) مان واپاري بنيادن تي ليٿيم ڪڍڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تيار ڪئي ويندي.
خيرپور ۾ شروعاتي سائنسي جاچ دوران اعليٰ معيار جي ليٿيم جا ثبوت مليا آهن. جيڪڏهن اهي ذخيرا واپاري پيماني تي ڪارائتا ثابت ٿيا ته پاڪستان کي پهريون ڀيرو پنهنجي مقامي ليٿيم صنعت قائم ڪرڻ جو موقعو ملندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان سان نه رڳو درآمدن تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، پر ملڪ ۾ نئين صنعت، روزگار ۽ سيڙپڪاري جا در به کلندا.
ڄاڻ موجب، سنڌ ۾ ليٿيم جي ڳولا کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ 8 کان 10 وڌيڪ کوهن تي سائنسي ۽ تجزياتي ڪم ڪيو ويندو، جيئن ذخيري جي حقيقي مقدار ۽ واپاري پيداوار جا امڪان ڄاڻي سگهجن.
ليٿيم جديد دنيا جي اهم ترين ڌاتن مان هڪ آهي. ان مان تيار ٿيندڙ بيٽريون، برقي گاڏين ۾ استعمال ٿين ٿيون، موبائل فونن ۽ ليپ ٽاپن جو اهم حصو آهن، شمسي ۽ هوائي توانائي ذخيرو ڪرڻ وارن نظامن ۾ ڪم اچن ٿيون، عالمي گرين انرجي تبديلي جو بنيادي جز بڻيل آهن.
صاف توانائي ڏانهن وڌندڙ عالمي رجحان سبب ليٿيم جي گهرج هر سال وڌي رهي آهي، جنهن ڪري ان کي مستقبل جي معيشت جي اهم ڌاتو قرار ڏنو پيو وڃي.
جيڪڏهن خيرپور جا ذخيرا وڏي پيماني تي ثابت ٿين ٿا ته پاڪستان کي ليٿيم درآمد ڪرڻ بدران پنهنجي پيداوار تي ڀاڙڻ جو موقعو ملندو. ان سان پرڏيهي ناڻي جي بچت، برآمدن ۾ واڌ، جديد صنعتن جو قيام ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
سنڌ جي زمين مان نڪرندڙ هي قدرتي خزانو رڳو هڪ معدني دريافت نه، پر پاڪستان جي معاشي ۽ صنعتي مستقبل لاءِ نئين اميد پڻ سمجهيو پيو وڃي.


