خيرپور/گمبٽ (نمائندن وٽان) خيرپور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، جتي 24 ڪلاڪن دوران مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، جڏهن ته 2 اڻڄاتل ماڻهن جا لاش پڻ هٿ آيا آهن. پوليس اهلڪارن کان سرڪاري هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فون ڦر ٿيڻ سان شهرين توڙي واپارين ۾ خوف پکڙجي ويو آهي.
ڦر دوران 17 گريڊ جو انجنيئر قتل
ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد حسين آباد ڀرسان رات دير سان چونڊڪو کان خيرپور پنهنجي گهر واپس ويندڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 17 گريڊ جي آفيسر انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو کي مبينا طور ڦر جي ڪوشش دوران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
مليل ڄاڻ موجب هٿياربندن فيصل ڀٽو کي ڦر جي ارادي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گاڏي نه روڪڻ تي جوابدارن مبينا طور فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فيصل ڀٽو موقعي تي مارجي ويو. مقتول فيصل ڀٽو، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه جي ڪيمرا مين ساگر ڀٽو جو ڀاءُ پڻ ٻڌايو وڃي ٿو.
فائرنگ ۾ دانيال ڀٽي پڻ سخت زخمي ٿيو، جنهن کي پهريان سول اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو
واقعي کانپوءِ مقتول جي وارثن ۽ ڀٽا برادري جي ماڻهن نثار احمد، صابر ڀٽو، عقيل، سجاد، حاجي مختيار ۽ بدرالدين جي اڳواڻي ۾ پراڻي قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو.
ڌرڻي سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين مطالبو ڪيو ته انجنيئر فيصل ڀٽو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري مقتول سان انصاف ڪيو وڃي. وارثن اعلان ڪيو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.
ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسا شاهه پڻ انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو جي قتل جي سخت مذمت ڪندي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ٻن ٻين واقعن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا قتل
خيرپور ڀرسان ڳوٺ امام بخش ناريجو ۾ نوجوان عورت شائسته، زال اسدالله ناريجو، کي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو.
ٻئي طرف پريالوءِ ويجهو ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان جهيڙي دوران آصف جاگيراڻي کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڄاڻ موجب ان تڪرار ۾ اڳ ئي ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن.
پوليس اهلڪار به ڏوهارين کان محفوظ نه رهيا
بدامني جي صورتحال جو سڀ کان ڳڻتي جوڳي پاسو اهو آهي ته شهرين جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪار به پاڻ ڏوهارين جو نشانو بڻجي رهيا آهن.
ٺري ميرواهه ٿاڻي جو سپاهي خالد شر ڊيوٽي تان گهر وڃي رهيو هو ته ٺري بجلي گهر ڀرسان نامعلوم هٿياربندن کيس هٿيارن جي زور تي روڪي سرڪاري رائفل، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
ٻئي واقعي ۾ پيروسڻ ٿاڻي جي حد مروڙو ڀرسان سب انسپڪٽر الله جوايو شر کان به نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
بجلي جي تار چوري، فائرنگ، 2 ڄڻا پڪڙيا ويا
گمبٽ ۾ گمس اسپتال ڀرسان کهڙا فيڊر جي 11 هزار وولٽيج واري بجلي جي تار ڪٽي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ذريعن موجب ڳوٺاڻن جي سجاڳ ٿيڻ تي مبينا چورن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
اطلاعن موجب فائرنگ جو سلسلو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڳوٺاڻن ڪارروائي ڪندي 2 مبينا چورن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڳوٺ الله وسايو ڀٽي ۾ وڌيڪ 3 مبينا چورن جي ڳولا ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري رهيون. فقيرآباد پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي.
ٻه نامعلوم لاش به هٿ
شاهه حسين ٿاڻي جي حد مٺو مري ۽ انصاري سي اين جي وٽان 2 نامعلوم ماڻهن جا لاش به لاوارث حالت ۾ هٿ آيا. اطلاع تي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتي کين سردخاني ۾ رکيو ويو آهي.
پوليس موجب هن وقت تائين ٻنهي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
فقيرآباد ۾ گهر مان لکين رپين جي چوري
ٻئي طرف فقيرآباد ۾ نامعلوم چور ديدار ٿيٻو جي گهر مان لکين رپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. لڳاتار قتلن، ڦرن ۽ چورين سبب خيرپور ضلعي جا شهري، واپاري ۽ خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پوليس اهلڪار به محفوظ نه رهيا آهن ته عام شهري پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت بابت ڪنهن تي ڀروسو ڪن؟ شهرين ۽ سماجي حلقن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته خيرپور جي امن امان واري صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.


