دادو (رپورٽر) دادو شهر جي مزمل ڪالوني ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان ڪامران پٽ ممتاز قتل ٿي ويو، واقعي بعد مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مقتول جي والد پرويز لنڊ الزام هنيو آهي ته پسند جي شادي ڪرڻ تان برادري جي مخالفن سندس پٽ کي قتل ڪيو آهي. واقعي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
افسوسناڪ واقعو دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


