دادو- مورو پل ڀرسان عزادارن سان ڀريل وين حادثي جو شڪار، 20 ڄڻا زخمي

1 Min Read

دادو (رپورٽ: الله بخش خشڪ) دادو ۾ مورو پل ڀرسان لنڪ روڊ تي عزادارن سان ڀريل وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين ۾ ٻار پڻ شامل آهن.

پوليس موجب نوابشاهه جي ڳوٺ آچر جمالي جا رهواسي جمالي برادري جا ماڻهو عزاداري ۾ شرڪت لاءِ سيوهڻ وڃي رهيا هئا ته مورو پل ويجهو لنڪ روڊ تي سندن وين حادثي جو شڪار ٿي وئي.

حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.

پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل جاويد جمالي ۽ ياسر جمالي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڪجهه وقت لاءِ ٽرئفڪ متاثر ٿي، جڏهن ته پوليس حادثي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ابتدائي ڄاڻ موجب حادثو وين جو ٽائر اوچتو برسٽ ٿيڻ سبب پيش آيو، جنهن ڪري ڊرائيور گاڏي تي ضابطو برقرار نه رکي سگهيو ۽ وين اونڌي ٿي وئي.

Share This Article
Leave a Comment