Focus with Zardari

راڻيپور: پبلڪ هيلٿ خلاف وائيس آف راڻيپور جو ڌرڻو، سوڀوديرو سميت مختلف ڳوٺن جا متاثر پهچي ويا

1 Min Read

راڻيپور (رپورٽر) پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي مبينا بي ضابطگين ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت اٿندڙ سوالن خلاف وائيس آف راڻيپور جو احتجاجي ڌرڻو سومر ڏينهن به جاري رهيو، جتي راڻيپور، سوڀوديرو ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن مان متاثر ماڻهو پنهنجون شڪايتون کڻي پهچي ويا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ترقياتي اسڪيمن جي منظوري ۽ سرڪاري فنڊن جي استعمال بابت ڪيترائي سوال موجود آهن، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي دعوائن باوجود زميني سطح تي گهربل سهولتون نظر نٿيون اچن. هنن مطالبو ڪيو ته منظور ٿيل بجيٽ، خرچن، ٽينڊر فائلن ۽ مڪمل ٿيل ڪمن جي معيار جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

وائيس آف راڻيپور جي اڳواڻن لاڳاپيل کاتي جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف لڳايل مبينا مالي بي ضابطگين جي الزامن جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن سرڪاري فنڊن جي خردبرد يا ناقص ترقياتي ڪمن جا ثبوت ملن ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن اينٽي ڪرپشن، نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌرڻي جو نوٽيس وٺي متاثر علائقن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ عوامي فنڊن جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment