رتوديرو (عصمت الله ڀٽي) رتوديرو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ نوجوان عورت کي سندس مڙس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو, مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو ويو.
سيلرا باءِ پاس ويجهو ٻپڙ محلي جي رهواسڻ عابده ڌيءَ عبدالله ٻپڙ کي سندس مڙس ذاڪر حسين ٻپڙ مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪيو. واقعي کانپوءِ جوابدار رتوديرو ٿاڻي تي پاڻ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، جوابدار پنهنجي گهرواري عابده، جيڪا چئن ٻارن جي ماءُ هئي، کي حسين کوکر نالي نوجوان سان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.


