اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽروليم اسمن جي اگهن جو جائزو روزاني بنيادن تي وٺڻ وارو نظام متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر مقامي اگهن تي تيزي سان منتقل ڪرڻ آهي.
رپورٽن موجب تجويز ڪيل نئين نظام تحت آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هر شام پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن جو آزاداڻي طريقي سان جائزو وٺي نوان اگهه جاري ڪندي، جيڪي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي سگهن ٿا.
تجويز ڪيل نظام جو مقصد پيٽروليم اسمن جي اگهن جي طئي ڪرڻ واري عمل ۾ شفافيت وڌائڻ، عالمي تيل جي قيمتن ۾ تبديلين کي دير کانسواءِ مقامي مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۽ قيمتن جي نظام کي وڌيڪ مارڪيٽ بنياد بڻائڻ آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم قيمتن ۾ سڌارن واري ڪميٽي هن تجويز جو جائزو وٺي رهي آهي، جنهن کي حتمي منظوري لاءِ وزيراعظم شهباز شريف آڏو پيش ڪيو ويندو.
حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي روزاني بنيادن تي پيٽروليم شين جي اگهن واري نئين طريقيڪار تي عمل شروع ڪيو ويندو.


