اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي محتسب هڪ سرڪاري يونيورسٽي ۾ مرد رجسٽرار کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ خاتون آفيسر خلاف تنزلي جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
پڌرنامي موجب عورت آفيسر پنهنجي پسند جي عهدي تي مقرري نه ٿيڻ کانپوءِ رجسٽرار سان نامناسب رويو اختيار ڪيو. شڪايت موجب عورت آفيسر رجسٽرار سان سيلفي وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ پسند جو عهدو نه ملڻ تي وڊيوز جاري ڪرڻ ۽ هراساني جي ڪوڙي شڪايت داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
فيصلي موجب رجسٽرار احتياط طور پنهنجي ڪمري ۾ هڪ اهلڪار کي موجود رکيو هو، جڏهن ته عورت آفيسر بار بار ان اهلڪار کي ٻاهر موڪلڻ تي زور ڀريندي رهي. شڪايت ڪندڙ ڳجهي نموني ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪئي، جيڪا جاچ دوران پيش ڪئي وئي. رڪارڊنگ ٻڌڻ کانپوءِ عورت آفيسر پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ٻه ڀيرا معافي ناما پڻ جمع ڪرايا.
يونيورسٽي جي انڪوائري ڪميٽي عورت آفيسر کي ڏوهي قرار ڏيندي تنزلي، ٽن سالن تائين ترقي تي پابندي ۽ انتظامي عهدن لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جي سزا ٻڌائي. بعد ۾ عورت وفاقي محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي.
وفاقي محتسب ترقي ۽ انتظامي مقرري بابت پابنديون ختم ڪندي تنزلي جي بنيادي سزا برقرار رکي. فيصلي ۾ چيو ويو ته هراساني صرف جنسي نوعيت جي عمل تائين محدود ناهي، پر ڪنهن تي دٻاءُ وجهڻ يا خوف واري صورتحال پيدا ڪرڻ به هراساني جي دائري ۾ اچي ٿو.


