اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب ۾ وڌيڪ پاڪستاني فوج موڪلڻ جو فيصلو حالتن ۽ ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت جي منظوري سان مشروط آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ وڏن فوجي آپريشنن بدران انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون تيز ڪيون وينديون.
رائٽرز کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي جي ڪوششن بابت محتاط پر پراميد آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي جا امڪان نه هجن ها ته فيلڊ مارشل ٻه ڀيرا ايران ڇو وڃن ها؟
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته امن جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ طاقتور عنصر هميشه موجود هوندا آهن، تنهن هوندي به پاڪستان سفارتي ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
مڪي گڏيل دفاعي معاهدي بابت ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گڏيل دفاع ۽ علائقائي امن جو گڏيل تصور رکندڙ ملڪ ان اتحاد ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته نون ملڪن جي شموليت جو فيصلو ٽنهي ملڪن جي سياسي قيادت ڪندي.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ مقدس شهرن مڪي ۽ مديني جي دفاع لاءِ پرعزم آهي.
يمن جي صورتحال بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته يمن جو تڪرار ان جو اندروني معاملو آهي، پاڪستان ان تڪرار جو حصو ناهي، پر سعودي عرب ۽ حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ موجود آهي.
خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت هن چيو ته اتي وڏن فوجي آپريشنن بدران دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون، يعني آءِ بي اوز، وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.


