Focus with Zardari

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو خانگي اسڪولن کي موڪلن جي فيس بابت مئي ۾ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن کي اونهاري جي موڪلن جي فيس وصول ڪرڻ بابت والدين کي مئي مهيني ۾ نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا کي جون ۽ جولاءِ جي فيس گڏوگڏ وصول ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جون ۽ جولاءِ جي موڪلن دوران فيس وصول ڪرڻ، ڪتابن ۽ يونيفارم جي خريداري بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سرڪاري وڪيل ۽ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسڪول انتظاميا والدين کي هڪ ئي وقت فيس جا ٻه ٻه واؤچر ڏئي ٿي، جڏهن ته موڪلن دوران اسڪولن طرفان ڪا سرگرمي به نٿي ٿئي، تنهن ڪري موڪلن جي فيس وصول ڪرڻ تي اعتراض آهي.

عدالت خانگي اسڪولن کي هدايت ڪئي ته موڪلن جي فيس بابت والدين کي اڳواٽ مئي مهيني ۾ آگاهه ڪيو وڃي. عدالت موجب جون جي فيس ادا ڪرڻ لاءِ 30 جون ۽ جولاءِ جي فيس لاءِ 30 جولاءِ تائين مهلت ڏني وڃي، جيئن والدين تي هڪ ئي وقت ٻن مهينن جي فيس ادا ڪرڻ جو بار نه پوي.

- Advertisement -

ڪيس دوران اسڪولن جي ڪتابن ۽ يونيفارم جي خريداريءَ جو معاملو پڻ عدالت آڏو آيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته اسڪول ڊائريڪٽوريٽ ۽ درخواست جي ڌرين پاڻ ۾ ويهي مسئلي جو حل ڪڍن.

عدالت لاڳاپيل ڌرين کي ايندڙ ٻن هفتن اندر ڪتابن ۽ يونيفارم بابت گڏجاڻي ڪري معاملو حل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن کانپوءِ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٻين ڌرين کي معاملي جي حل لاءِ قدم کڻڻا پوندا. عدالت هدايتون جاري ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment