راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته افغان طالبان حڪومت طرفان بلوچستان ۾ سرحد پار ڊرون اڏامن کانپوءِ سڪيورٽي فورسز اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان آيل 4 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب، افغان طالبان رجيم 30 تي بلوچستان جي سرحد تي 4 ڊرون موڪليا، افغان طالبان رجيم پنهنجي ڪنٽرول هيٺ علائقن مان سرگرم دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي ۾ اهي ڊرونز پاڪستان موڪليا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو فضائي دفاعي نيٽ ورڪ متحرڪ آهي، اثرائتي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڊرونز ڪيرايا ويا.
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان جي مضبوط فضائي دفاعي نظام سڀني ڊرونز جي فوري نشاندهي ڪئي ۽ ڪيرائي ڇڏيو، سڪيورٽي فورسز جديد دفاعي نظام ذريعي چئني ڊرونز کي ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز اعليٰ پيشيوراڻي تياري جو مظاهرو ڪندي دشمن جا سڀ ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا، افغان طالبان جا حربا افغان عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ آهن، افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي سرپرستي ڇڏي ڏئي.
آءِ ايس پي آر خبردار ڪيو ته افغان طالبان جو غير ذميواراڻو طرز عمل افغان عوام جون ڏکيائيون وڌائي رهيو آهي، افغان طالبان کي پرامن گڏيل بقا جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته افغان طالبان پاڪستان خلاف اڳرائي جو سلسلو جاري رکيو ته کين اهڙو اثرائتو جواب ڏنو ويندو جنهن جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر وقت مڪمل طور تي چوڪس آهي، هٿياربند فوج وطن جي هڪ هڪ انچ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، سرحد پار ڪنهن به اڳرائي جو آپريشن غضب للحق تحت فوري، فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.


