Focus with Zardari

شڀمن گل ۽ ايشان ڪشن جي سينچري، ڀارت افغانستان کي ٻي ون ڊي ۾ هارائي ڇڏيو

1 Min Read

لکنئو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٻي ون ڊي ۾ افغانستان کي 170 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

لکنئو ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .

ڀارت پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 402 تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان شُڀمَن گِل 154 ۽ ايشان ڪشن 125 شاندار اننگز کيڏيون.

افغانستان طرفان ننگياليا خروٽي 4 ۽ راشد خان 3 وڪيٽون ورتيون.ڀارت جي 403 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي افغانستان ٽيم 44.3 اوورن ۾ 232 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

- Advertisement -

رحمت شاهه 79 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ان کانسواءِ ڀارتي بالرن آڏو ڪو به افغان رانديگر گهڻي دير وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو. ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه ۽ گرنور برار 3-3 وڪيٽون ورتيون.

ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل کي شاندار سينچري تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

Share This Article
Leave a Comment