Focus with Zardari

شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس آپريشن، مارٽر گولا ڪرڻ سبب پيءُ پٽ مارجي ويا، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي

1 Min Read

شڪارپور (رپورٽر) ڪچي واري علائقي ڳوٺ منظور شاهه ڀرسان صحافي عظيم سيال جي بازيابي لاءِ پوليس آپريشن دوران مبينا مارٽر گولا ڪرڻ سبب مڇي ماريندڙ پيءُ پٽ مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مارجي ويلن جي سڃاڻپ محمد حسن ميراڻي ۽ سندس پٽ منير ميراڻي طور ٿي آهي. ذريعن موجب پيءُ ۽ پٽ مڇي ماري رهيا هئا ته آپريشن دوران مبينا طور ڊرون ذريعي مٿن مارٽر گولا ڪيرايا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي مارجي ويا.

ٻئي طرف وارثن جو الزام آهي ته پوليس مارجي ويل پورهيتن واري واقعي کان لاتعلق بڻيل آهي ۽ سندن وارثن جي مدد لاءِ ڪو قدم نه کنيو ويو آهي. واقعي بابت پوليس جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment