ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وڪيل ابراهيم ابڙو چيو آهي ته انتظامي يونٽ ٺهڻ سان سنڌ جي تقسيم نه ٿيندي، پر مقامي ماڻهن کي اختيار ملندا ۽ صحت، انفرااسٽرڪچر سميت بنيادي سهولتون هيٺين سطح تائين پهچنديون.
ابراهيم ابڙو چيو ته انتظامي يونٽ ٺهڻ کانپوءِ ان جو سربراهه مقامي ماڻهو هوندو، سنڌ آمريڪا يا اسرائيل جي حوالي نه پئي ڪئي وڃي. پنهنجي عقل ۽ شعور سان چوان ٿو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته تعلقن، ضلعن ۽ يونين ڪائونسلن جي موجودگي باوجود عوام جا مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ترقياتي فنڊ به هيٺئين سطح تائين نٿا پهچن.
ابراهيم ابڙو دعويٰ ڪئي ته وفاق طرفان سنڌ حڪومت کي سال ۾ 2300 ارب رپيا ملن ٿا، پر انفرااسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم لاءِ اهي فنڊ هيٺئين سطح تائين منتقل نٿا ٿين ۽ وڏي وزير جي سطح تي محدود رهن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي وڏي پيماني تي اختيار مليا، پر يونين ڪائونسل جي سطح تائين فنڊ نه پهچڻ سبب عوام کي گهربل بنيادي سهولتون فراهم نٿيون ٿي سگهن.


