فيض گنج (ويب ڊيسڪ) فيض گنج جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ بابت اڳوڻي تعلقي ناظم اختر حسين راڄپر چيو آهي ته ايسٽ فيڊر ڪئنال پراڻو هجڻ، واهن جي مبينا غلط لائننگ ۽ آبپاشي نظام ۾ مس مئنيجمينٽ سبب پڇڙي تائين گهربل پاڻي نٿو پهچي.
اختر حسين راڄپر موجب ايسٽ فيڊر ڪئنال سکر کان نڪري ٿو ۽ انگريزن جي دور کان قائم آهي، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي واري نظام کي جديد بڻائڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪئنال جي لائننگ اهڙي طريقي سان ڪئي وئي، جنهن سان پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، جڏهن ته اصل ضرورت پاڻي جي فراهمي واري هنڌ کان نظام کي بهتر بڻائڻ جي هئي.
اڳوڻي تعلقي ناظم جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي ۾ اڳ ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ عملي کي اهميت ڏني ويندي هئي، پر هاڻي غير ٽيڪنيڪل عملي جي موجودگي ۽ مبينا مس مئنيجمينٽ سبب آبپاشي نظام جا مسئلا وڌي رهيا آهن. هن آبپاشي بجيٽ جي استعمال ۽ زمين تي ڪم جي صورتحال بابت به سوال اٿاريا.
اختر حسين راڄپر دعويٰ ڪئي ته فيض گنج جي پڇڙي وارن علائقن ۾ گذريل سال تائين گهٽ ۾ گهٽ ڪڻڪ جي فصل لاءِ پاڻي پهچندو هو، پر هاڻي اهو پاڻي به نٿو پهچي، جنهن سبب آبادگارن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
سندس موجب پاڻي جي کوٽ بابت هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواستون داخل ٿي چڪيون آهن ۽ عدالت طرفان پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ بابت حڪم پڻ ڏنا ويا، پر ان باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته ڊگهو عدالتي عمل ۽ وڪيلن جا خرچ عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪن ٿا.
اختر حسين راڄپر چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب علائقي ۾ زرعي سرگرميون متاثر ٿيڻ سان گڏ ماڻهن ۾ لڏپلاڻ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. هن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي آبپاشي نظام جي فني خرابين ۽ مبينا بي ضابطگين جو جائزو ورتو وڃي.


