Focus with Zardari

فيلڊ مارشل سان سعودي عرب جي نئين سفير جي ملاقات، دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

1 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان سعودي عرب جي نئين سفير راجح تامي البقمي جي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ تحت ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

 ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار، ادارن جي سطح تي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.

ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

- Advertisement -

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي سفير راجح تامي البقمي کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

Share This Article
Leave a Comment