لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب فائرنگ ۾ نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ حسن واهڻ جا رهواسي الهورايو پٽ اختيار کوکر، سندس ڀاءُ منصور علي کوکر، علي شير پٽ غلام قادر کوکر، يار محمد کوکر ۽ ڪار ڊرائيور غلام محب مڱڻيجو زخمي ٿيا.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، جتي الهورايو کوکر، منصور علي کوکر، علي شير کوکر ۽ ڪار ڊرائيور غلام محب مڱڻيجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي جو علاج جاري آهي.
مقتولن جي وارثن موجب سندن پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڊرائيور سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا.
وارثن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سول لائين ٿاڻي جي پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان فائرنگ جو واقعو پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


