Focus with Zardari

مالڪ وٽ پنهنجي ملڪيت جي استعمال جو مڪمل اختيار آهي، ڪرائي دار جي خواهش جو تابع نھ آهي: سپريم ڪورٽ

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مالڪ ۽ ڪرائي دار جي وچ ۾ تڪرار بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ واقع هڪ عمارت سان لاڳاپيل ڪيس جو 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، جيڪو جسٽس عقيل احمد عباسي لکيو.

فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته مالڪ کي پنهنجي ملڪيت استعمال ڪرڻ جو مڪمل قانوني اختيار حاصل آهي ۽ هو پنهنجي ملڪيت جي استعمال بابت ڪرائي دار جي خواهش جو پابند ناهي.

سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته قانوني اصول موجب مالڪ پنهنجي ضرورت جو پاڻ بهترين منصف هوندو آهي، ۽ جيڪڏهن مالڪ پنهنجي ملڪيت استعمال ڪرڻ بابت حلف نامو پيش ڪري ته اهو سندس ضرورت جو ڪافي ثبوت سمجهيو ويندو.

- Advertisement -

عدالت ڪرائي دار کي حڪم ڏنو آهي ته هو ڇهن مهينن اندر فليٽ خالي ڪري.

ڪيس دوران ڪرائي دار موقف اختيار ڪيو هو ته عمارت ۾ ٻيا به ڪيترائي فليٽ خالي موجود آهن، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ انهيءَ بنياد تي ڪرائي دار جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جنهن کي هاڻي سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

Share This Article
Leave a Comment