لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته گهرو وزير محسن نقوي جي تازي بيان کي نظرانداز ڪيو وڃي ۽ ان تي غيرضروري ردعمل کان پاسو ڪيو وڃي.
دي نيوز جي ايڊيٽر انويسٽيگيشن انصار عباسي جي رپورٽ موجب، نواز شريف چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي وقت جي اهم ضرورت آهي.
ذريعن موجب، محسن نقوي جي “سسٽم” بابت بيان تي ن ليگ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن پنهنجا خدشا نواز شريف تائين پهچايا، جنهن تي نواز شريف پارٽي قيادت کي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
نواز شريف واضح ڪيو ته ملڪ کي درپيش معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي اهڙو ڪو به تاثر پيدا ٿيڻ نه گهرجي، جنهن مان لڳي ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي وچ ۾ اختلاف موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته قومي مفاد جو تقاضو آهي ته حڪومت ۽ رياستي ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکي وڃي ۽ اهڙن معاملن تي ذميواري سان رويو اختيار ڪيو وڃي.


