ملير( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ درگاهه بوري بابا ويجهو موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربند آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
هڪ جوابدار کي ماسڪ پهريل هو ۽ ٻي جو چهرو صاف نظر اچي رهيو هو، جيڪي موٽرسائيڪل تي آيا ۽ 9 منٽن اندر آرام سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سنڌ وائس هٿ ڪري ورتا آهن.
سي سي ٽي وي فوٽيج موجب جوابدارن سڀ کان پهرين هوٽل ٻاهران بيٺل سيڪيورٽي گارڊ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس 12 بور وارو رپيٽر ڦر ڪري ورتو. ان کانپوءِ هوٽل ۾ ويٺل شهرين کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو.
جوابدار واردات کانپوءِ سيڪيورٽي گارڊ کان ڦريل رپيٽر به پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته سڄي واردات سي سي ٽي وي ڪيمرن ۾ رڪارڊ ٿي وئي.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ڦورن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي.


